لاهور: پاڪستان ريلويز عيدالاضحيٰ تي اسپيشل ٽرينن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 5 اسپيشل ٽرينون هلايون وينديون. ٽرين اڄ 2 جون ٻنپهرن جو 1 وڳي ڪراچي کان لاهور جي لاءِ رواني ٿيندي.
ٻئي ٽرين 3 جون صبح 10 وڳي ڪوئٽه کان پشاور جي لاءِ رواني ٿيندي جڏهن ته ٽئين ٽرين 3 جون شام 5 وڳي لاهور کان ملتان ڪراچي رواني ٿيندي.
جاري ڪيل شيڊول موجب چوٿين ٽرين 3 جون رات جو 8 وڳي ڪراچي کان راولپنڊي جي لاءِ رواني ٿيندي. پنجين ٽرين 4 جون رات 8 وڳي ڪراچي کان لاهور طرف رواني ٿيندي.
ريلوي جي ترجمان موجب سموريون ٽرينون اڪانومي، بزنس اسٽينڊرڊ ڪلاس تي ٻڌل هونديون. ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، غفلت تي آفيسرن ۽ عملي جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.