اسلام آباد: وفاقي سرڪار 70 سيڪڙو انرجي سيور پکا قسطن تي ڏيڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. توانائي واري وزارت چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان اعلان ڪيل بجلي جي في يونٽ ۾ 7.41 روپيه گهٽتائي جو اسپيشل رليف برقرار آهي.
توانائي واري وزارت موجب توانائي گهٽ خرچ ڪندڙ پکا قسط تي ڏيڻ جو مقصد بجلي جي بچت آهي، انرجي سيور پکن جي فراهمي سان عوام جي بجلي جا بل گهٽ ايندا.
مهانگي پاور پلانٽس سان بجلي جي پيداوار لاءِ فيول جي قيمت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، توانائي واري وزارت موجب صوبن ۽ وفاقي وزارتن کي انرجي ايفيشنٽ بلڊنگ ڪوڊز تي عمل ڪرڻ لاءِ لکيو آهي