ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 54 رپيا 60 پئسا سستو ٿي ويو

اسلام آباد: آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا پهرين جون کان لاڳو هوندي.

اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 11.8 ڪلو جي گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 54 رپيا 60 پئسا گهٽتائي ڪري نئين قيمت 2838 رپيا 31 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کانسواءِ في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 4 رپيا 63 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 240 رپيا 53 پئسا هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔