ڀارتي ڊفينس چيف جهاز ڪيرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي: هندستان جي چيف آف ڊ فينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ بلوم برگ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڇنڇر ڏينهن تصديق ڪئي ته هن جي ملڪ جا ويڙهاڪ جهاز پاڪستان طرفان هن مهيني جي شروع ۾ چار ڏينهن واري تڪرار دوران تباهه ڪيا ويا هئا. هندستان جا ويڙهاڪ جهاز پاڪستان ايئر فورس طرفان 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات تباهه ڪيا ويا، جڏهن هندستاني ايئر فورس پاران رات جو پاڪستان جي ڇهه هنڌن تي ميزائل حملا ڪيا ويا، جن ۾ بهاولپور جي احمدپور ايسٽ ۾ سبحان مسجد، مظفرآباد ۾ بلال مسجد، ڪوٽلي ۾ عباس مسجد، مريدڪي ۾ املڪرا مسجد، سيالڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ ڪوٽڪي لوھاران، ۽ شڪر ڳڙهه شامل هئا. پاڪستان ڇهه هندستاني جهازن کي ڪيرايو ، جن ۾ ٽي جديد فرانسيسي رافيل جهاز به شامل هئا. پاڪستان جي فوجي ترجمان مطابق، هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ تازو تڪرار علائقائي فضائي طاقت جي ترتيب ۾ هڪ اهم تبديلي آهي. چاليهه منٽن جي اندر ٽي رافيل، هڪ Su-30MKI، هڪ ميراج 2000، ۽ هڪ MiG-29 جهاز ڪيرايا ويا هئا. پاڪستان جو هڪ به جهاز نه ته سرحد پار ڪيو ۽ نه ئي ويجھو فضائي جنگ ۾ حصو ورتو. سنگاپور ۾ شنگريلا ڊائلاگ دوران بلومبرگ سان ڳالهائيندي جنرل چوهاڻ چيو: “مون لاءِ اهم ڳالهه اها ناهي ته جهاز ڪيرايا ويا مون لاءِ اهم اهو آهي ته جهاز ڇو ڪيرايا ويا.” شو جي ميزبان جي سوال تي، هن تصديق ڪئي ته هندستاني ويڙهاڪ جهازن کي تازي ڇڪتاڻ دوران ڪيرايو ويو پر هن انگ نه ٻڌايو. هن چيو ته اسين ڪمزورين جي نشاندهي ڪري اهي ٺيڪ ڪيون، ۽ اهو نقطو اهم آهي. جنرل چوهاڻ اها به دعويٰ ڪئي ته چار ڏينهن واري تڪرار دوران ايٽمي جنگ تائين معاملو ڪو نه پهتو هو. امريڪي ۽ فرانسيسي عملدارن به تصديق ڪئي ته پاڪستان چين کان خريد ڪيل جهازن سان هندستاني جهازن کي تباهه ڪيو، جيئن CNN ۽ رائٽرز مهيني جي شروعات ۾ رپورٽ ڪيو هو. CNN هڪ سينيئر آمريڪي عملدار جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستاني فوج هندستان جي پاڪستان اندر ايئر اسٽرائيڪ دوران جهاز ڪيرايا هئا. هڪ سينيئر فرانسيسي انٽيليجنس عملدار به CNN کي ٻڌايو ته پاڪستان هندستاني ايئر فورس جي هڪ رافيل ويڙهاڪ جهاز کي ڪيرايو آهي. هن مهيني جي شروعات ۾، آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ به تصديق ڪئي هئي ته پاڪستاني ايئر فورس گهٽ ۾ گهٽ ٻن فرانسيسي جهازن کي ڪيرايو آهي. 8 مئي تي هندستان طرفان موڪليل ڊرونز کي روڪڻ ۽ پوءِ 9-10 مئي جي رات هڪ ٻئي جي ايئر بيسز تي جوابي حملا ٿيڻ کانپوءِ، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آمريڪي مداخلت تي 10 مئي تي فائر بندي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔