راولپنڊي: فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير کي نه ڇڏيندو، پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائين آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي ان بنيادي حق تي رهنڊ اچڻ نه ڏينداسين.
مختلف يونيورسٽين جي وائس چانسلرن ۽ سينيئر استادن سان ڳالهائيندي فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان، ڀارت جي اجاراداري ڪڏهن به قبول نه ڪندو.
هن چيو ته ” معرڪاءِ حق “ ۾ الله پاڪ پاڪستان جي هر طرح سان مدد ڪئي ۽ اهو ثابت ٿيو ته جڏهن قوم رُڪ جي ڀت بڻجي وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت ان کي لوڏي نٿي سگهي.
هن واضح ڪيو ته ڪشمير بابت ڪو به سودو ممڪن ناهي ۽ پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير کي وساري نٿو سگهي، ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشمير جي مسئلي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هاڻي اهو معاملو عالمي سطح جو بڻجي چڪو آهي ۽ ان کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو.
فِيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته دهشتگردي ڀارت جو اندروني مسئلو آهي، جنهن جي جڙ اقليتن، خاص طور تي مسلمانن سان وڌندڙ ظلمن ۽ تعصب آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ ” فنته الهندوستان“ آهن، جن جو بلوچن سان ڪو واسطو ناهي.
هن استادن کي ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو قرار ڏيندي چيو ته مان جيڪو ڪجهه به آهيان، اهو والدين ۽ استادن جي محنت جو نتيجو آهي. پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي ڪردار سازي استاد ڪندا ۽ کين ملڪ جي اصل ڪهاڻي ٻڌائڻ جي ذميواري استادن تي آهي.