ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي مختصر دوري تي ڪراچي پهتو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.
وزيراعظم آپريشن بنيان مرصوص ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان نيوي جي سپاهين ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪندو ۽ هندستاني نيوي جي جارحاڻي ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪندو.
ان موقعي تي، وزيراعظم نيوي جي آفيسرن ۽ سپاهين کي پڻ خطاب ڪندو. ڪراچي جي دوري دوران، وزيراعظم سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو.