پشاور ۾ گهر تي فائرنگ، هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي مارجي ويا

پشاور: پشاور جي علائقي خٽڪو پل ۾ جوابدارن هڪ گهر ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

پوليس موجب، متاثرين ۾ ٽي عورتون شامل آهن ۽ زخمي عورت کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس چيو ته ڌريون پاڙيسري آهن ۽ متاثرين تي مخالف ڌر جي هڪ عورت کي قتل ڪرڻ جو الزام هو.

پوليس چيو ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔