پاڪستان دهشتگردي بابت ڳالهين کان نه ٿو گهٻرائي، مسئلن جو پرامن حل چاهيون ٿا: پرڏيهي کاتي جو ترجمان

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته ڀارت سڄي خطي کي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو جواب ڏنو.

صحافين کي بريفنگ ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان واضح ڪيو آهي ته عزت ۽ وقار تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، ڀارتي جارحيت خلاف “آپريشن بنيان مرصوص” شروع ڪيو ويو، جنهن دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت جا 6 جنگي جهاز ڪيرايا.

شفقت علي خان جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي دوست ملڪن جي ڪوششن سان جنگبندي ممڪن ٿي، سيزفائر لاءِ انهن ملڪن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، مستقبل ۾ به جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪا اڳرائي ٿي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

ترجمان، افغان بچاءَ واري جي مبينا ڀارتي دوري بابت سوال تي چيو ته اسان ڀارت ۽ افغانستان ٻنهي کي خودمختار رياستون تسليم ڪريون ٿا، خطي ۾ امن لاءِ باهمي احترام ۽ مداخلت نه ڪرڻ جي پاليسي ضروري آهي.

هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به ملڪ جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي تبصرو نٿو ڪري، هر رياست کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو حق حاصل آهي.

ترجمان موجب، پاڪستان مسئلن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو ۽ دوست ملڪن مان اميد ڪري ٿو ته سندن لاڳاپا پاڪستان خلاف استعمال نه ٿين.

هن چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار رياست آهي ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ جو حق رکي ٿو، يورپي وزيرن جي پاڪستان ۽ ڀارت جي دوري بابت توازن جو خيال رکڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔