ايڊيليڊ : ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به نيوزيلينڊ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني.گرين شرٽس ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ جاري 5 ميچن جي ٽي 20 سيريز جو ٻيو ٽي 20 ميچ ڊونيڊن ۾ کيڏيو ويو، برسات سبب ٽاس ۽ ميچ مقرر وقت کان دير سان شروع ٿيو.نيوزي لينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پر برسات سبب ميچ کي 5 اوورن کان گهٽائي 15 اوورن في اننگز ڪيو ويو.پاڪستان نيوزي لينڊ کي کٽڻ لاءِ 136 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو ڪيوي ٽيم آساني سان حاصل ڪري ورتو.