جعفر ايڪسپريس حملو: وزيراعظم ۽ آرمي چيف اڄ ڪوئٽه جو دورو ڪندا

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير اڄ اهم دوري تي ڪوئٽه پهچندا جتي دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪوئٽه پهچندو.

ڪوئٽه جي دوري دوران وزيراعظم کي جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي بابت بريفنگ ڏني ويندي ۽ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم فيصلا به ڪيا ويندا.

اجلاس دوران سيڪيورٽي ادارا جعفر ايڪسپريس آپريشن جا مڪمل تفصيل ٻڌائيندا جڏهن ته وزيراعظم جعفر ايڪسپريس سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي جنازي نماز ۾ به شريڪ ٿيندو. ياد رهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي ٿيل حملي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن مڪمل ڪري ورتو.  جنهن ۾ پاڪ فوج جي 4 جوانن سميت 21 مسافر شهيد ٿيا جڏهن ته سمورا 33 دهشتگرد آپريشن دوران مارجي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔