اسلام آباد: : پاڪستان دهشتگرديءَ جي واقعن جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس تي حملي جي رٿا بندي پرڏيهه ۾ ڪئي وئي آهي، دهشتگردن جي ٽريس ٿيل ڪالن ۾ افغانستان مان رابطي جو پتو پيو آهي، افغان حڪومت سان سٺن لاڳاپن جي خواهش آهي پر دهشتگردي بنيادي مسئلو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته هنن اڃا جعفر ايڪسپريس دهشتگردي تي ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو به پرڏيهه ۾ ويٺل قيادت ڪرايو ۽ ٽرين دهشتگردي پٺيان ڀارت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجي ساٿين سان رابطي ۾ هئا، جعفر ايڪسپريس تي حملي جي رٿا بندي پرڏيهه ۾ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي ٽريس ٿيل ڪالن ۾ افغانستان مان رابطي جو پتو پيو آهي، افغان حڪومت سان سٺن لاڳاپن جي خواهش آهي پر دهشتگردي بنيادي مسئلو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هو ڀارتي اختيارين طرفان ٻن ڪشميري تنظيمن کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي مذمت ڪن ٿا، ڀارت ڪشميري سياسي پارٽين تان پابندي ختم ڪري.شفقت علي خان چيو ته ڀارت عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ ڄمون ڪشمير اتحاد المسلمين کي پنجن پنجن سالن لاءِ غيرقانوني ايسوسي ايشن قرار ڏنو آهي.