ممبئي : ڀارتي ٽيلي ڪام ڪمپني اسپيس ايڪس سان اسٽارلنڪ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب اسٽارلنڪ جي لائسنس درخواست شروعاتي منظوري جي ويجهو پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيلي ڪام ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسپيس ايڪس کي ڀارت ۾ اسٽارلنڪ جي وڪري لاءِ ضروري اجازت ناما حاصل ڪرڻا پوندا، جنهن کانپوءِ اهو معاهدو لاڳو ٿيندو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪمپني ۽ اسپيس ايڪس گڏجي اسٽارلنڪ جي سامان کي ريٽيل دڪانن ۾ متعارف ڪرائڻ، ڪاروباري واهپيدارن لاءِ اسٽارلنڪ سروس فراهم ڪرڻ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ مقامي آبادين، اسڪولن ۽ طبي مرڪزن کي انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺندا.
