ڪراچي: مائڪروبلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) جي مالڪ ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته ايڪس تي سومر تي هڪ وڏو سائبر حملو ٿيو، جنهن سبب ڪيترن ئي صارفين کي ويب سائيٽ استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايڪس ان خدشن کي ٻيهر جنم ڏنو آهي ته پليٽ فارم کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو پيو وڃي يا سمجهوتو ڪيو پيو وڃي.ڊائون ڊٽيڪٽر ٽريڪنگ سائيٽ جي مطابق، سائبر حملو سومر تي ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا جي صارفين شڪايت ڪئي ته انهن کي ايڪس لوڊ ڪرڻ يا استعمال ڪرڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي.ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته جنهن نوعيت جو حملو آهي ان لاءِ ڪافي وسيلا گهربل هوندا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته هي حملو ڪنهن وڏي گروپ جو آهي.