ڪابل انتظاميه دهشتگردن جي سرپرسٽي پئي ڪري،منير اڪرم

واشنگٽن : گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي دهشتگرد تنظيمن لاءِ هڪ ڇتري تنظيم بڻجي رهي آهي، ۽ ان ڳالهه جا پڪا ثبوت آهن ته ڪابل اختيارين حملن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته افغان عبوري حڪومت خطي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.منير اڪرم پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ٽي ٽي پي افغانستان ۾ سرگرم سڀ کان وڏي دهشتگرد تنظيم آهي، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سرحد جي محفوظ پناهگاهن مان پاڪستان تي حملو ڪري ٿي.هن چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي حملن جي نتيجي ۾ سوين جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ پڻ پاڪ-چين اقتصادي تعاون کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اهڙا ثبوت آهن ته ڪابل اختيارين انهن حملن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن. پاڪستان دهشتگرد خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻندو.ان کان علاوه، پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ ۾ دهشتگردي جو ذڪر نه هجڻ تي گهري تعجب ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو. منير اڪرم چيو ته افغانستان ۾ موجود 20 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون خطي ۽ دنيا لاءِ خطرو آهن، پاڪستان مناسب ڪارروائي جو طريقو طئي ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن ۾ صلاح مشورا شروع ڪندو.هن چيو ته دوحا عمل تحت دهشتگردي جي خاتمي تي هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويندو.منير اڪرم سلامتي ڪائونسل کي پاڪ-افغان سرحد تان داعش جي دهشتگرد محمد شريف الله جي گرفتاري بابت پڻ آگاهه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔