او آءِ سي عرب ليگ جي غزه منصوبي جي توثيق ڪري ڇڏي

قاهره : اسلامي تعاون تنظيم آمريڪي صدر جي غزه لاءِ منصوبي جي مقابلي ۾ عرب ليگ جي متبادل منصوبي جي توثيق ڪئي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، مصر جي شهر قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ عرب ليگ جي غير معمولي هنگامي اجلاس دوران منظور ڪيل منصوبي کي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پاران پڻ منظور ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان اعلان مصري پرڏيهي وزير طرفان ڪيو ويو، جنهن چيو ته عرب ليگ جي اجلاس ۾ منظور ٿيل منصوبي کي هاڻي اسلامي ملڪن جي به حمايت حاصل آهي.اجلاس ۾، او آءِ سي شام جي ميمبرشپ کي به بحال ڪيو، جيڪا 2012 ۾ خانہ جنگي دوران معطل ڪئي وئي هئي.ياد رهي ته غزه جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلسطينين کي غزه کان مصر يا اردن منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔