ممبئي: بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ جي رليز جو سڀني کي بي صبري سان انتظار آهي، جيڪا عيد تي رليز ٿيندي.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته سلمان خان ان فلم لاءِ ڪيترو معاوضو ورتو؟ تازو ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ فلم جي ڪاسٽ جي معاوضي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.
فلم جي بجيٽ 400 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهن ۽ رپورٽن موجب سڪندر لاءِ سلمان خان 120 ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضو وصول ڪيو آهي.
فلم ۾ رشميڪا مندانا پهريون ڀيرو سلمان خان سان گڏ نظر ايندي، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته هن 5 ڪروڙ رپيا معاوضو وصول ڪيو آهي، جڏهن ته ڪاجول اگروال طرفان ان پراجيڪٽ لاءِ 3 ڪروڙ رپيا معاوضو وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.