ٺٽو: اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي ھن ملڪ جي رياست وفاقي ادارن کان ھڪ دفعو ٻيھر گھر ڪريون ٿا ته سنڌي ٻولي سميت ملڪ جي اهم ٻولين کي قومي ٻولي جو آئيني درجو ڏنو وڃي، پاڪستان گھڻ قومي ٻولي ۽ قوميتن وارو ملڪ آھي، سنڌي سميت ٻيون ٻوليون اھم آھن، انھن کي قومي ٻولي واري حيثيت ملڻ گھرجي، اھو سنڌي ٻولي جو حق آھي، ھن چيو ته مونکي خوشي ٿي ته 2017ع ۾ قومي ٻولين وارو بل جيڪو ابراهيم جويو جي سرپرستي ۾ ٺھيو ۽ آئون سينيٽ ۾کڻي وئي ھئس، اھو پھريون دفعو ھو جو پارليامينٽ جي ڪنھن اسٽيڊنگ ڪميٽي مان ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو بل پاس ٿيو، پر ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي ساٿ نه ڏيڻ ڪري ھائوس ۾ اڪثريت نه ملي پر اھا خواھش رکون ٿا ته اسان جا ٻيا ساٿي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ قانونسازي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا، ھن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته تھذيب ۽ تاريخ ۾ سنڌي ٻولي سڀ کان قديم ۽ شاھوڪار ٻولي آھي، جنھن بابت تحقيق ٿي آھي ۽ ٿي رھي آھي،ھن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، ماضي ۾ پيدا ٿيل احساس محرومين سبب اسان گھڻو ڪجهھ وڃايو ۽ برداشت ڪيو آھي، اھا ناانصافي ۽ تفريق ختم ڪرڻا پوندا، ٻولي اسان جي بنيادي سڃاڻپ آھي.