گريٽر ڪراچي ريجنل پلان 2047 شهر، صوبي ۽ ملڪ لاءِ تاريخي هوندو: سعيد غني

ڪراچي : سنڌ جي بدليات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪروڙين ماڻهو آباد آهن ۽ بدقسمتي سان اسان وٽ ڪو ماسٽر پلان ناهي، ڪراچي شهر لاءِ هڪ گڏيل پلان ضروري آهي، جنهن لاءِ گريٽر ڪراچي ريجنل پلان 2047 شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو آگسٽ 2026 تائين مڪمل ڪيو ويندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن بدليات کاتي ڪي ڊي اي سميت مختلف انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽ سان گڏ تيار ڪئي ويندڙ گريٽر ڪراچي ريجنل پلان 2047 جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.
سعيد غني چيو ته ڪراچي پاڪستان جو نه رڳو اقتصادي مرڪز آهي پر ترقي جي علامت به آهي، ماضي ۾ ڪراچي لاءِ 6 ماسٽر پلان ٺهيا پر مختلف سببن جي ڪري مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو، هن ڀيري اسان ڪوشش ڪئي آهي ته ماسٽر پلان کي اوپن رکون ۽ ان کي 2047 جو نالو پاڪستان جا 100 سال مڪمل ٿيڻ جي نسبت سان ڏنو ويو آهي، ان منصوبي تي آڪٽوبر 2024 کان ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ آگسٽ 2026 تائين مڪمل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ماسٽر پلان ۾ مڪمل هائوسنگ، ٽرانسپورٽ، موسمياتي تبديلين، انفرا اسٽرڪچر، پاڻي، سيوريج ۽ وڌندڙ آبادي کي به نظر ۾ رکيو ويندو، جيڪو ايندڙ 20 سالن تائين اسان لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگهي، مون کي اميد آهي ته اهو ماسٽر پلان ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، جيڪو شهر، صوبي ۽ ملڪ لاءِ تاريخي هوندو.
سعيد غني چيو ته اسان کي ماضي وساري مستقبل ڏانهن ڏسڻ گهرجي، پ پ قيادت هي منصوبو ڪراچي کي هڪ عالمي معيار جو ميٽروپوليٽن شهر بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي، جيڪو شهرين ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ روشن مستقبل يقيني بڻائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔