هرنائي ۾ ڌماڪو 11 مزدور فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا

ڪوئٽا: بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب، هرنائي جي علائقي شاهرگ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڌماڪي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڊپٽي ڪمشنر هرنائي جو چوڻ آهي ته شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 پورهيت مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن پورهيتن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.ڌماڪي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق سوات ۽ شانگلا سان ٻڌايو پيو وڃي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڌماڪي ۾ پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين جو شاهرگ اسپتال ۾ علاج جاري آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، شاهرگ ۾ ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب روڊ ڪناري ڌماڪيدار مادو نصب ٿيل هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔