ڪاريو : مصر ۽ اردن فلسطينين جي بي دخلي بنا غزا جي نئين سر اڏاوت تي متفق ٿي ويا آهن. مصري صدارتي آفيس موجب مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جو اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ فلسطينين جي بي دخلي بنا غزا جي نئين سر اڏاوت تي متفق ٿيا. مصري صدارتي آفيس جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن چيو ته غزا جي نئين سر اڏاوت فلسطينين جي بي دخلي بنا ٿيڻ گهرجي. مصري صدارتي آفيس موجب ٻنهي ملڪن جي صدرن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان سهڪار جي خواهش رکن ٿا.