اسلام آباد: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران اڱاري تي جاري ڪيل رپورٽ موجب، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس (سي پي آءِ) 2024 ۾ پاڪستان جي رينڪنگ 2 درجا گهٽ ٿي 135 ٿي وئي آهي. 180 ملڪن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ 2023 ۾ اهو نمبر 133 هو، سي پي آءِ رپورٽ هر سال ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل برلن طرفان جاري ڪئي ويندي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان (TIP) جو ان ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو آهي. سي پي آءِ ۾ پاڪستان جو اسڪور گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2 پوائنٽ گهٽجي ويو آهي. سي پي آءِ 2023 ۾ 29 مان سي پي آءِ 2024 ۾ 27 تائين پهتو آهي. ٽي آءِ پي جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس ضياءَ پرويز موجب عمان، چين، ترڪي ۽ منگوليا کانسواءِ خطي جي سمورن ملڪن جو اسڪور گهٽجي ويو آهي. خطي جي زوال مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪو خطي ۾ مجموعي رجحان جي خلاف هو. عالمي سطح تي ڪرپشن جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند رهي آهي، انهن کي گهٽائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي رهيون آهن، سي پي آءِ جي رپورٽ موجب، جنهن سڄي دنيا ۾ ڪرپشن جي سنگين سطحن کي بي نقاب ڪيو، دنيا جي ٻه ڀاڱي ٽي ملڪن جو اسڪور 50 کان گهٽ رهيو آهي. مسلسل ستون سال آهي ته ڊنمارڪ انڊيڪس (90) تي سڀ کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيو ۽ فنلينڊ (88) ۽ سنگاپور (84) به ان جي ويجھو پٺيان آهن. سڀ کان گهٽ اسڪور وارا ملڪ گهڻو ڪري نازڪ ۽ تڪرار کان متاثر هئا جهڙوڪ ڏکڻ سوڊان (8)، صوماليا (9)، وينزويلا (10)، شام (12)، ليبيا (13)، ايريٽريا (13)، يمن (13) ۽ استوائي گني (13) وغيره. جڏهن ته سي پي آءِ نوٽ ڪيو ته وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جو اڀرندڙ اوسط اسڪور ”پراميديءَ جو سبب“ هو، ان جي نشاندهي ڪئي وئي ته اها هڪ ڏهاڪي ۾ پهرين واڌ هئي ۽ صرف هڪ نقطي جي واڌ ٿي يعني 100 مان 39 تي پهتو. رپورٽ موجب دنيا م وڌندڙ ڪرپشن موسمياتي تبديلين خلاف جنگ ۾ رڪاوٽ آهي.