دعا آهي ته ماهره فلم ۾ فٽ اچي وڃي پر معافي ناهي: خليل الرحمان قمر

ڪراچي: ليکڪ ۽ هدايتڪار خليل الرحمان قمر جو چوڻ آهي ته ماهرا خان لاءِ ڪا به معافي ناهي ۽ هو ڪڏهن به هن سان نه ڳالهائيندو،ڊراما رائٽر خليل الرحمان قمر ۽ ماهرا خان ۾ ان وقت جهيڙو ٿيو جڏهن خليل الرحمان 2020 ۾ هڪ شو دوران سماجي اڳواڻ ماروي سرمد لاءِ نامناسب زبان استعمال ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ماهرا ٽوئيٽ ڪندي خليل الرحمان قمر کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو،بعد ۾ گذريل سالن دوران خليل الرحمان جي ڌر پڻ ماهره خان تي واضح ناراضگي ڏيکاري هئي،هڪ انٽرويو ۾ خليل الرحمان قمر پنهنجي ڊرامي ۾ ماهره کي ڪاسٽ ڪرڻ کي گناهه قرار ڏنو، جڏهن ته 2024ع ۾ هن انڪشاف ڪيو ته ماهره کي سندس لکيل فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو هو،ميڊيا رپورٽن موجب ماهره خان خليل الرحمان جي لکيل فلم ”مرزا جٽ“ ۾ همايون سعيد سميت ٻين اداڪارن سان گڏ ڪم ڪندي. سندس لکيل فلم ۽ ان جي ڪاسٽ ۾ ماهره خان کي شامل ڪرڻ جي حوالي سان خليل الرحمان قمر چيو ته مان چاهيان ٿو ته ماهره منهنجي فلم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري پر ان جي لاءِ ڪا به معافي ناهي ۽ نه ئي ان سان ڪڏهن به ڳالهائيندس،هڪ سوال جي جواب ۾ خليل الرحمان قمر وڌيڪ چيو ته منهنجو مسئلو اهو آهي ته اتي عورتن کي ڏٺو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔