موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مخلتف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ويڪ ٿڌو ۽ جهڙالو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو  ويو آهي.

اتر، اوڀر بلوچستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري ۽ گليات ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ڏينهن جي وقت موسم ٿڌو ۽ خشڪ جڏهن ته رات جو موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو رهڻ سان گڏ شام ۽ رات ۾ موسم جهڙالو رهڻ سان گڏ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

لاهور، شيخوپوره، قصور، اوڪاڙه، ساهيوال، سيالڪوٽ، نارووال، گوجرانواله، منڊي بهاءُالدين، جهلم، گجرات، ميانوالي، رحيم يار خان، خانپور، بهاوالنگر، پاڪپتن، خانيوال، وهاڙي، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جهنگ  ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي رهڻ جو امڪان آهي.

چترال، دير، سوات، شانگله، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، بونير، باجوڙ، مهمند، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، وزيرستان، پشاور، چارسده، نوشهره، صوابي، ڪرڪ ۽ ڪوهاٽ ۾ تيز هوائن سان برسات ۽ جابلو علائقن تي برفباري جو امڪان آهي.

ڪوئٽه، زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، چاغي، نوشڪي، قلات، بارکهان، خضدار، هرنائي، زوب، موسيٰ خيل، خاران، ڪيچ، پنجگور ۽ گوادر ۾ تيز هوائن سان برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو ۽ جهڙالو رهڻ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔