پيوٽن پاران ايران ۾ ايٽمي بجلي گهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

تهران: ايران ۽ روس جي صدرن ڪريملن ۾ هڪ جامع اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي تي صحيحون ڪيون.روسي صدر پيوٽن ايران ۾ ٻن ايٽمي بجلي گهرن جي تعمير جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ايران لاءِ نوان ايٽمي ري ايڪٽرن جي تعمير ۾ دير جي باوجود، هو وڌيڪ ايٽمي منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهن.صدر پيوٽن چيو ته هي معاهدو اسان کي ٻين پاران پيدا ڪيل مشڪلاتن تي قابو پائڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائيندو. ايران-روس معاهدي موجب، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي فوجي خطرن سان گڏجي منهن ڏيندا.روسي صدر چيو ته ايران يا روس تي حملو ڪندڙ ڪنهن به ملڪ کي فوجي مدد فراهم نه ڪئي ويندي. معاهدي ۾ سيڪيورٽي سروسز، فوجي مشقن ۽ آفيسرن جي تربيت ۾ تعاون پڻ شامل آهي.صدر پيوٽن وڌيڪ چيو ته ايران کي يوڪرين جي صورتحال بابت مسلسل آگاهه ڪيو پيو وڃي.ان موقعي تي ايراني صدر مسعود پيزيشڪيان چيو ته کيس اميد آهي ته يوڪرين جي جنگ ڳالهين جي ميز تي ختم ٿي ويندي.هن چيو ته هو ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين ۽ امن جي ڪاميابي جو استقبال ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔