اليڪشن ڪميشن ٽن سياسي پارٽين جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي 3 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پاڪستان نيشنل پارٽي، پاڪستان تحريڪ نظام ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي آهي.

ياد رهي ته پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع جي تحت 4 سالن کان پوءِ هر سياسي پارٽي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي پوءِ ڀلي ڪهڙي به صورتحال هجي.

اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت اثاثن جا گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تان معطل ڪري ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔