ڪرم ايجنسي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو

پشاور : خيبر پختونخواهه حڪومت ڪرم ايجنسي ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪري ورتو آهي.علائقي مان عدم تحفظ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪرم ايجنسي، بگان، چپري، چپري پروان ۽ مندوري جي تڪراري علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويندو.ان حوالي سان ڪرم جي ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن جي متاثرين لاءِ عارضي ڪئمپ قائم ڪيا ويندا.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرم ايجنسي ۾ آپريشن دوران متاثرين لاءِ ڪئمپ هنگو ضلعي ۾ قائم ڪيا ويندا.صوبائي حڪومت هنگو ۾ ٻن ڪاليجن، ريسڪيو ڪمپائونڊ ۽ عدالتي عمارت ۾ ڪئمپ قائم ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔