اڳيون ٽائر مٿي، ڊرائيوَرُ هينڊل تي، گاڏي جي اسپيڊ 202

موٽرسائيڪل ڀڄائڻ جو شوق هونئن ته انتهائي خطرناڪ آهي، ان ڊوڙ ۾ زندگي ۽ موت جو سودو ٿئي ٿو، جيڪڏهن زندگي بچي به وڃي ته عضوا کرَڻ جي ڪري زندگي اڌوري ۽ محتاجي واري بڻجي ويندي آهي.

تنهن باوجود به موٽرسائيڪل ڀڄائڻ جو شوق عالمي ليول تي ڪيو ويندو آهي ۽ وڏي پيماني تي اهڙا مقابلا به ڪرايا ويندا آهن جنهن ۾ مَها ڊرائيور پنهنجي ڊرائيوريءَ جا گُر استعمال ڪندي وڏا وڏا رڪارڊ قائم ڪندا آهن.

اڄ هتي بيان ٿيندڙ رڪارڊ ڪنهن ڊوڙ مقابلي جو ته ناهي جنهن ۾ گوءِ هڻندڙ جي واهه واهه ٿئي ۽ کيس داد ڏجي، پر هي رڪارڊ انکان به وڌيڪ خطرناڪ چئي سگهجي ٿو، اسان وٽ اهڙي ئي موت کان نه ڊڄندڙ خطرناڪ ڊرائيورن کي کُٽي جو پُٽ چئي سڏيو ويندو آهي.

سوئيڊن جي اسٽنٽ رائيڊر ان وقت گنيز رڪارڊ توڙيو جنهن هن پنهنجي موٽرسائيڪل 125.93 مطلب ته ذري گهٽ 146 ميل في ڪلاڪ جي اسپيڊ سان هينڊل تي ٽيڪ ڏئي هڪ ويل تي موٽرسائيڪل هلائي.

ايڪونجاهه سالن جي ميگنس ڪارلسن اهڙي اسٽنٽ پرفارمنس سوئيڊن جي سوڪووڊي ايئرپورٽ تي پنهنجي KMT 1290 سپر ڊيوڪ موٽرسائيڪل تي ڪئي ۽ تيز ترين موٽرسائيڪل سو به هڪ ويل تي هلائڻ جو پراڻو رڪارڊ ٽوڙي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.

ميگنس ڪارلسن 125.93 ميل في ڪلاڪ يا وري 202.67 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي ٽاپ اسپيڊ تي پهتو، جنهن کانپوءِ هو 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جو رڪارڊ ٽوڙيندڙ پهريون مها ڊرائيور بڻجي ويو.

ان کان اڳ اهو رڪارڊ 109.228 ميل في ڪلاڪ يا 175.785 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جو هو جيڪو 2020 ۾ قائم ڪيو ويو هو.

اهڙي رڪارڊ قائم ڪرڻ کانپوءِ مها ۽ جڙاهه ڊرائيور بنا ڪنهن خوف يا حيرانگي جي چيو ته هينڊل تي ويهي اڳيون ٽائر مٿي کڻي گاڏي ڀڄائڻ منهنجو سڀ کان پسنديده اسٽنٽ آهي، سڀني اسٽنٽس مان اِهو، اُهو اسٽنٽ آهي جنهن جي ڪري منهنجي ڊرائيور طور سڃاڻپ ٿي ۽ ڪيريئر بڻيو.

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته موٽرسائيڪل ڊرائيونگ ۾ انتهائي احتياط جي ضرورت هوندي آهي جڏهن ته ون ويلنگ جي لاءِ وري وڏي عرصي تائين لڳاتار  تربيت ۽ ڪرتي جي ضرورت آهي.

ٻيو ته اهي ته آهن جديد سهولتن ۽ ٽيڪنالاجي وارا بهترين ملڪ جتي اهڙا عمل وري به ڪري سگهجن ٿا، انهن بابت پاڪستان ۾ سوچڻ به پنهنجي موت کي دعوت ڏيڻ آهي.

انڪري اهڙي خبر کانپوءِ خبردار جو ڪير به ماڻهو اهڙي قسم جو ڪو به اسٽنٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اهو ان لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو. ون ويلنگ ته پري جي ڳالهه پر هتان جي روڊ رستن ۽ ٽريفڪ جي آزار کي نظر ۾ رکندي موٽرسائيڪل کي 30-40 واري نارمل اسپيڊ کان مٿي هلائڻ به خطرناڪ هوندو آهي. انڪري پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي پيارن جي خوشيءَ جو خيال ڪندي اهڙي قسم جي ڪنهن به اسٽنٽ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔