اسلام آباد: سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر جي وچ ۾ ملاقات دوران خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارن معاملن جون ڳالهيون ٿيون. پي ٽي آءِ چيئرمين سياسي معاملن تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي انهي کي سياستدانن سان ڳالهائڻ جو مشورو ڏنو ويو.
ذريعن موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته بيرسٽر گوهر ۽ وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان پشاور ۾ ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، انهي دوران ڪابه سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته ملاقات دهشتگردي جي خاتمي واري معاملن جي حوالي سان ٿي، بيرسٽر گوهر آرمي چيف سان سياسي معاملن تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته سياسي معاملا اوهان سياستدانن سان شيئر ڪريو.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته آرمي چيف سان ملاقات جي دوران ٿيندڙ ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سيڪيورٽي معاملن تي ٿيندڙ ڳالهين کي سياسي رنگ ڏنو وڃي جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.
ياد رهي ته اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر آرمي چيف سان ملاقات جو اعتراف ڪندي چيو هو ته منهنجي ۽ علي امين گنڊاپور جي آرمي چيف سان پشاور ۾ ملاقات ٿي آهي. هن چيو هو ته آرمي چيف جي سامهون پي ٽي آءِ جا سمورا مطالبا رکيا ويا آهن، اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو هو ته منهنجي ۽ بيرسٽر گوهر جي سيڪيورٽي صورتحال تي ٻين پارٽين سان گڏ آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي