ڪراچي: وزيراعلى سنڌ جي سرڪاري جهاز ۾ غير قانوني سفر ڪرڻ آفيسرن کي مهانگو پئجي ويو،فيملي سان گڏ سفر ڪندڙ ٻه آفيسر معطل ڪيو ويو، اسلام آباد کان ڪراچي بنا اجازت سفر ڪيو ويو، سيد فراز علي ۽ واجد شاهه خلاف ڪارروائي ڪندي گريڊ 17جي ٻنهي آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو،چيف سيڪريٽري سنڌ موجب جهاز ٽيسٽ فلائيٽ تي ڪراچي اچي رهيو هو ،بغير اجازت سفر ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت قدم کنيا ويندا، سرڪاري وسيلن جو غير قانوني استعمال برداشت نه ڪيو ويندو.