جنگ بندي جي ڪوششن باوجود حملا جاري، 63 فلسطيني شهيد

غزهه : جنگ بندي جي ڪوششن جي باوجود، اسرائيلي فوج غزه تي بمباري جاري رکي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 63 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ رات جو اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 13 فلسطيني مارجي ويا، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 63 فلسطيني مارجي ويا ۽ 281 زخمي ٿيا.رپورٽ موجب، اسرائيلي ڌماڪيدار هٿيارن جي استعمال جي ڪري هر مهيني سراسري طور تي 475 ٻار ۽ روزانو 15 ٻار عمر بھر جي معذوري جو شڪار ٿيا. ٻئي طرف، غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي لاءِ ڪوششون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن.شروعاتي معلومات موجب، اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جو تازو مسودو 42 ڏينهن لاءِ غزه ۾ جنگ بند ڪندو.پرڏيهي ميڊيا موجب، معاهدي تحت درجنين اسرائيلي يرغمالين کي واپس ڪيو ويندو ۽ سوين فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔