9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس وڃڻ سيڪيورٽي ناڪامي آهي: جسٽس حسن رضوي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا آهن ته 9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ وڃڻ سيڪيورٽي ناڪامي آهي، ڇا 9 مئي جي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث هجڻ تي ٽرائل ٿيو؟

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي. دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث گذريل ڪيترن ڏينهن کان جاري پنهنجا دليل شروع ڪري ڇڏيا ۽ موقف ڏنو ته ايف بي علي ڪيس ۾ جن ماڻهن تي ڪيس هلايو ويو اهو رٽائرڊ هو.

جسٽس مسرت بلالي ريمارڪس ڏنا ته ڪنٽونمينٽ ۾ جڪڏهن سپاهي جو سويلين سان اختلاف ٿي وڃي ته ڪيس ڪيڏانهن ويندو. دفاع واري وزارت جي وڪيل چيو ته اختلاف ڌار ڳالهه آهي. ملٽري ٽرائل جي معاملي کي وڌايو پيو وڃي.

دفاع واري وزارت جي وڪيل چيو ته امن واري دور ۾ به ملٽري معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تي سويلن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽس ۾ ئي هلندو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو آخر ماسٽر مائنڊ به هوندو سازش ڪنهن ڪئي. دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث چيو ته سازش ڪندڙ يا ماسٽر مائنڊ جو ٽرائل به ملٽري ڪورٽ ۾ ئي ٿيندو سويلين جو ٽرائل اوچتو نه ٿي رهيو آهي. 1967ع کان قانون موجود آهي.

جسٽس حسن اظهر رضوي سوال اٿاريو ته خواجه صاحب اوهان دفاع واري وزارت جا وڪيل آهيو، هڪ اهم سوال جو جواب ڏيو ڇا 9 مئي جي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث هجڻ تي ٽرائل ٿيو؟ 9 مئي تي ماڻهو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ پهچي ويا؟ ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس جي اندر وڃڻ سيڪيورٽي معاملو ته آهي. دفاع واري وزارت جي وڪيل چيو ته مظاهرين تي الزام ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو آهي، 9 مئي جي واقعي ۾ ڪنهن فوجي آفيسر کي چارج نه ڪيو ويو.

جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته 9 مئي تي جڏهن ملٽري ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو ڇا ڪا مزاحمت ڪئي وئي، ضروري ناهي ته گولي هلائي وڃي، دفاع واري وزارت جي وڪيل چيو ته جاني نقصان نه ٿئي انهي لاءِ مڪمل صبر جو مظاهرو ڪيو ويو.

جسٽس جمال خان مندوخيل سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ڪنهن فوجي کان انهي جي رائفل چوري ڪئي وڃي ته ڪيس ڪٿي هلندو؟ دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته رائفل فوجي جو جنگي هٿيار هوندو آهي. جسٽس مسرت بلالي پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن سويلين مالي فائدي لاءِ چوري ڪري ٿو، حالانڪه انهي جو مقصد آرمي کي غير مسلح ڪرڻ نه هو انهي جو ڪيس ڪٿي هلندو. دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته حالتن ۽ واقعن کي ڏٺو ويندو.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪهڙو ڏوهه ملٽري ڪورٽ جي دائري ۾ ايندو انهي جو آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ذڪر موجود آهي.

جسٽس مسرت بلالي ريمارڪس ڏنا ته 9 مئي ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ اهڙا احتجاجي مظاهرين به هئا جن کي خبر ئي نه هئي ته ڇا ٿي رهيو آهي، دفاع واري وزارت جي وڪيل موقف ڏنو ته جن کي خبر ئي نه هئي انهن جو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ئي نه ٿيو. انهي سان گڏ ئي عدالت سڳوري ملٽري ڪورس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔