هر جڳهه وي آءِ پي پروٽوڪول نٿو ملي سگهي، اي ٽي سي جج طرفان ڪاوڙ جو اظهار، بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت ڊي چوڪ احتجاج جي 13 ڪيسز ۾ بشريٰ بي بي جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون.

اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ڊي چوڪ احتجاج جي 13 ڪيسز ۾ عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران فائلون تيار ڪري نه اچڻ تي جج درخواست جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جج ريمارڪس ڏنا ته اوهان فائلون تيار ڪري ايندا ڪريو، منهنجي عدالت ۾ اچي فائلون سڌيون ڪري رهيا آهيو. انهي موقعي تي وڪيلن طرفان بشريٰ بي بي جي سادن ڪاغذن تي صحيح ۽ آڱوٺي جو نشان لڳرائڻ تي جج طرفان ٻيهر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته هر جڳهه چون ٿا وي آءِ پي پروٽوڪول ملي، ائين نٿو ٿي سگهي، مون اوهان کي انتظار ناهي ڪرايو، مان ته فيصلو لکرائي رهيو هئس اهو ڇڏي اوهان جي ضمانتن تي ٻڌڻي ڪري رهيو آهيان، جڏهن عدالتي حڪم نامو نڪرندو ته انهي تي جوابدار عورت جي صحيح ۽ آڱوٺي جو نشان لڳندو. عدالت وڪيل ڊاڪٽر قدير خواجه جي ڳالهائڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته يقين ڪرڻ سکو، عدالت تي يقين ڪندا ڪريو، اوهان يقين ڪندو ته ماڻهو به اوهان تي يقين ڪندا.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته بشريٰ بي بي جي خلاف ڊي چوڪ احتجاج تي اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ 13 ڪيسز داخل ٿيل آهن. سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ 3، مارگله ٿاڻي ۾ 2 ۽ ڪراچي ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل ٿيل آهن. انهي کان علاوه بشريٰ بي بي جي خلاف رمنا ٿاڻي ۾ 2، ترنول ٿاڻي، ڪوهسار، آبپاره ۽ کهنه ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل ٿيل آهي.

جنهن کان پوءِ عدالت 5-5 هزار روپين جي مچلڪن عيوض بشريٰ بي بي جي 7 فيبروري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔