ممبئي: بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون ۽ سندس زال نتاشا دلال ممبئي جي علائقي جوهو ۾ سڀ کان مهانگي ۽ قيمتي ملڪيت خريد ڪري ورتي.ڀارتي ميڊيا موجب خريد ڪيل پراپرٽي جا دستاويز ظاهر ڪن ٿا ته ورون ڌون ۽ نتاشا دلال هڪ زير تعمير عمارت جي ستين ماڙ تي اپارٽمينٽ خريد ڪيو آهي.رپورٽن مطابق هن اپارٽمينٽ جي قيمت 445.2 ملين رپيا آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هن اپارٽمنٽ جي ڪل ايراضي 5112 اسڪوائر فوٽ آهي جنهن ۾ 4 ڪارن جي پارڪنگ جي جاءِ به شامل آهي ۽ هي زير تعمير منصوبو 31 مئي 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو.ملڪيت جي رجسٽريشن جو مرحلو 3 ڊسمبر تي مڪمل ڪيو ويو جڏهن ته ورون ڌون 2.67 ڪروڙ رپيا اسٽام ڊيوٽي طور ادا ڪيو.ڀارتي ميڊيا موجب هي علائقو اميتاڀ بچن، اڪشي ڪمار، اجي ديوگن، شاهه رخ خان، ڪاجول، ڌرميندر ۽ عامر خان سميت ڪيترن ئي بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن جو گهر پڻ آهي.رپورٽن مطابق هن نئين اپارٽمنٽ کان علاوه ورون ڌون وٽ هڪ ٻيو اپارٽمينٽ به آهي جنهن جي ماليت 60 ڪروڙ رپيا آهي.