اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

اسلام آباد: اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ يوسف رضا گيلاني به موذي وبا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.

پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ ان جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق سوشل ميڊيا پيغام جي ذريعي ڪئي آهي.

يوسف رضا گيلاني جي پٽ قاسم گيلاني  مائيڪرو بلاڪنگ سائٽ ٽوئٽر تي پيءُ جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم  عمران خان جي حڪومت ۽ قومي احتساب بيورو(نيب) جو ٿورو جو اوهان منهنجي پيءُ جي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ ۾ ڪامياب ويا.

قاسم گيلاني وڌيڪ چيو ته  منهنجي پيءُ جو ڪورونا 19  يعني ڪورونا وائرس جي ٽِسٽ جو نتيجو پازيٽو آيو آهي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾  تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا  ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪجهه وائرس سبب فوت به ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔