ملڪ ۾ ڪورونا جا رڪارڊ 6 هزار 472 ڪيس، وڌيڪ 88 ڄڻا فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جا متاثر تيزي سان وڌي رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک  32 هزار 405 تائين پهچي ويو آهي.

جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن دوران 88 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2 هزار 551 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 هزار 472 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

پنجاب ۾ 50 هزار 87 ڪيس،سنڌ ۾ 49 هزار 256، خيبرپختونخواهه ۾ 16 هزار 415، بلوچستان ۾ 7 هزار 866، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 44، اسلام آباد ۾ 7 هزار 163 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 574 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.   

رپورٽ موجب پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ ڪورونا جا سڀني کان وڌيڪ مريض آهن جتي هينئر تائين 50 هزار 87 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 49 هزار 256، خيبرپختونخواهه ۾ 16 هزار 415،  بلوچستان ۾ 7 هزار 866، اسلام آباد ۾ 7 هزار 163، آزاد ڪشمير ۾ 574  ۽ گلگت بلتستان ۾ 1.044 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون به پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 938 ڄڻا  حياتيون وڃائي چڪا آهن سنڌ ۾ 793، خيبرپختونخواهه ۾ 642، اسلام آباد ۾ 71، گلگت بلتستان ۾ 17، بلوچستان ۾ 80 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 11 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.

سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 29 هزار 850 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته گڏيل طور تي 8 لک 39 هزار 19 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ظفر مرزا چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا  جي ڪيسن ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي ۽ فوتگيون به وڌنديون.

هن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي. ظفر مرزا چيو هو ته پاڪستان جي ڏوراهين علائقن ۾ ڪورونا وائرس جا  ڪيس وڌيڪ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔