هلندڙ صورتحال دران اسان جي ترجيح ماڻهن کي رليف ڏيڻ آهي: حفيظ شيخ

اسلام آباد: ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته هن وقت اسان جي ترجيح ٽيڪس وصولي نه پر عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ ان سبب بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس ناهي لڳايو.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي حفيظ شيخ چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته سٺي طريقي سان ٽيڪس وصول ڪريون پر هن وقت اسان جي ترجيح ٽيڪس وصولي نه پر ماڻهن کي رليف ڏيڻ آهي. ان ڪري بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس ناهي لڳايو پر ڪيترائي ٽيڪس ڇڏي به ڏنا آهن.

هن چيو ته اسان خرچن ۾ گهٽتائي آڻي رهيا آهيون. ڪجهه شيون اسان جي وس ۾ ناهن. اسان کي ماضي جا قرض به ادا ڪرڻا آهن جنهن مان ڇوٽڪارو حاصل ناهيون ڪري سگهيا. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن جي باري ۾ تمام گهڻي مشڪل  صورتحال هوندي آهي. جيڪڏهن تيل جي اگهن ۾ لاٿ ٿيندي آهي ته اسان جي سوچ به اهائي رهندي آهي ته ان جا فائدا عوام تائين پهچايون ڇو ته ان جو فائدو هيٺين طبقي کي ملندو آهي.

جيڪڏهن تيل جا اگهه نه ڪريا ۽ وڌيا ته اسان پيٽروليم ليويز کي گهٽ ڪنداسين ته جيئن سمورو وزن عوام تي نه پوي. حفيظ شيخ وڌيڪ چيو ته ڪوشش هوندي ته ترقياتي خرچ پوئين سال کان وڌيڪ ڪريون ۽ اهڙيون اسڪيمون ٺاهيون جنهن  جو فوري طور تي فائدو نظر اچي ۽ روزگار جا موقعا وڌن اها ذميواري منصوبه بندي واري وزارت کي ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔