شوگرملز ايسوسيئيشن حڪومت کي کنڊ 70روپيه في ڪلو جي آڇ ڪئي آهي: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته شوگرملز ايسوسيئيشن حڪومت کي کنڊ 70 روپيه في ڪلو جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. پر اصل لاگت عوام جي سامهون رکنداسين ۽ صحيح اگهه طئي ڪرڻا پوندا.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ شهباز گل چيو آهي ته شوگرملز ايسوسيئيشن حڪومت کي کنڊ 70 روپيه في ڪلو جي آڇ ڪئي آهي شهباز گل چيو ته جيڪي ڪالهه چوندا هئا ته لاڳت تمام گهڻي آهي اڄ اهي قيمتون مقرر ڪري رهيا آهن پر کين خبر ناهي ته اڳيان به وزيراعظم عمران خان ويٺو آهي.

هن چيو ته هاڻ اها ڳالهه 70 روپيه في ڪلو تي نه بيهندي. اسان اصل قيمت عوام جي سامهون رکنداسين ۽ کنڊ جا صحيح اگهه طئي ڪرڻا پوندا.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ شوگر ڪميشن جي سفارشن جي روشني ۾ کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سفارشن ۽ سزا کي منظور ڪندي ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان شوگرملز ايسوسيئيشن جي درخواست تي حڪومت کي شوگرملز جي خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو هو.

عدالت وفاقي حڪومت کي چيو هو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين سڄي ملڪ ۾ کنڊ 70 روپيه في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔