فلپائن ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري بل جي مخالفت، هزارين مظاهرين روڊن تي نڪري آيا

منيلا: فلپائن ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري بل جي خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين نئين حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

رپورٽ موجب گادي واري شهر منيلا ۾ هزارين ماڻهن آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي دهشتگردي جي خاتمي واري بل جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سخت احتجاج ڪيو.

مظاهرين حڪومت جي خلاف پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا جنهن تي لکيل هو ته سماجي ڪارڪن دهشتگرد ناهن هي بل ردي جي ٽوڪري حوالي ڪيو وڃي.

احتجاج ۾ موجود انساني حقن جي ڪارڪنن مطالبو ڪيو ته نئين بل ۾ بنا وارنٽ جي گرفتاري سڀني کان وڏو هٿيار آهي جنهن کي حڪومت پنهنجي من ماني ڪندي ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي.

صدر ڊيوٽريٽ جي حمايت يافته حڪومت طرفان بل 3 جون تي فلپائن جي ڪانگريس منظوري ڏني هئي. صدر جي صحيح کان پوءِ هي قانون بڻجي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔