غزلن جي شهنشاهه مهدي حسن جي اٺين ورسي

ڪراچي: غزلن جي شهنشاهه مهدي حسن جي اڄ 8 ورسي ملهائي ويندي. 40 سالن تائين موسيقي جي دنيا تي راڄ ڪندڙ غزلن جي شهنشاهه مهدي حسن کي مداحن کان وڇڙئي 8 سال گذري ويا آهن.

مهدي حسن سن 1927 ع تي ڀارتي رياست راجهستان جي علائقي لونا ۾ پيدا ٿيو. مهدي حسن جو تعلق موسيقي جي ان وڏي گهراڻي سان هو جنهن 16 پشتن کان موسيقي جي خدمت ڪئي. مهدي حسن سن 1956ع ۾ ريڊيو پاڪستان کان ڳائڻ جي شروعات  ڪئي جڏهن ته 1962ع ۾ پاڪستاني فلم(شڪار) جي لاءِ پهريون ڀيرو گيت رڪارڊ ڪرايو. مهدي حسن  جا ڳايل گيت، غزل ۽ قومي ترانا اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ سندس ياد جيان تازه آهن. 

هن گڏيل طور تي 365 فلمن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. فلمي صنعت ۾ سندس آواز ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو ويندو هئو. مهدي حسن 25 هزار کان وڌيڪ گيت ۽  غزلون رڪارڊ ڪرائي هڪ تاريخ رقم ڪئي.

موسيقي واري شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن موجب مهدي حسن دنيا مان ته هليو ويو آهي پر ان جو فن اڄ به زنده آهي. مهدي حسن موسيقي جو هڪ پورو عهد هو. ان جي راڳ ۽ راڳڻي کي  سڄي دنيا ۾ شهرت ملي جنهن سبب کيس غزلن جي شهنشاهه جي خطاب سان نوازيو ويو. 

مهدي حسن 13 جون 2012 تي ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ سندس ڊگهي جدوجهد پنهنجي اختتام تي پهتي پر هن جي پنهنجي ڪم سان دلچسپي سبب هي هميشه پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔