هاڻوڪي بجيٽ غريب کي ختم ڪرڻ جي بجيٽ آهي:شهباز شريف

لاهور: شهباز شريف چيو ته موجودا بجيٽ غريب کي ختم ڪرڻ جي بجيٽ آهي، ان سان مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي ويندي، جڏهن ته ڪارباري بدحالي تايخي رڪارڊ قائم ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نالائقي پهرين نون ليگ ۽ هاڻ ڪورونا پويان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس خدشا هڪ هڪ ٿي سچ ثابت ٿين پيا، افسوس حڪومتي نااهلي جي سزا قوم ۽ملڪ کي ملي پئي. شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ ڪيل اعلانن مان ثابت ٿيو ته حڪومت سڌرڻ ۽ عقل جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته ٽيڪس آمدني هڪ ڏهائي 7 ٽريلين باوجود تاريخي خسارو موجود حڪومت جي ڪارڪردگي آهي. سندس چوڻ هو ته نون ليگ پنهنجي دور ۾ 5 ڏهائي 8 سيڪڙو جي ڊي پي جي شرح واري معيشيت ڏني، پر موجودا حڪومت پهرين سال ئي هڪ ڏهائي 9 تي پهچائي، جڏهن ته هلندڙ ساک 10 سيڪڙو مالي خسارو ملڪي معيشيت ۽ بجيٽ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏا آهن. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته تاريخ ۾ مالي خسارو ڪڏهن به ڏهاڪن ۾ ناهي آيو، پهريون ڀيرو موجودا حڪومت اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، بجيٽ ۽ حدف غير حقيقي آهن، ٽيڪس روينيو، حڪومتي خرچ، مالي خساري ۽ جي ڊي پي جا مقرر ڪيل حدف به حاصل ناهي ڪري سگهي. هن چيو ته ڪورونا پويان لڪڻ سان ڪم نه هلندو، وبا کان اڳ معاشي بربادي حڪومتي ناڪامين ۽ بنا منزل واريون پاليسين جو وڏو ثبوت آحي، سي پيڪ کي روڪيو ويو، بلوچستان کي نظر انداز ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪرڻ ظلم آهي، اها بجيٽ آهي ته قوم مهانگائي جي مِــني بجيٽ لاءِ تيار رهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته معيشيت هلي نه پئي ته حڪومت 49 سئو 63 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي جو حدف ڪيئن پورو ڪندي؟، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي پيو ته آءِ ايم ايف اجلاس کان اڳ حڪومت مني بجيٽ پيش ڪندي. هوڏانهن اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي جو چوڻ آهي ته نوان ٽيڪس نه لڳائڻ جي دعويدارن اربين رپين جا ٽيڪس لڳايا آهن. هن چيو ته حڪومت نااهلي سبب حدف حاصل نه ڪيا، جنهن جو بار عوام مٿان وڌو پيو وڃي، ناڪام معاشي پاليسين سبب ملڪ جون اقتصادي حالتون ڪمزور رهيون آهن.اسفد يار ولي چيو ته موجودا بجيٽ عوام لاءِ نه پر آءِ ايم ايف جي اشاري تي ٺاهي وئي آهي. اي اين پي سربراهه جو چوڻ هو ته بي روزگاري ۽ غربت وڌندي پئي وڃي، پر حڪومت وٽ ڪو به منصوبو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔