صحت کاتي جي اختيارين پاران 15 کان 27 جون تائين ويڪسين مهم هلائڻ جو اعلان

ڪراچي : صحت کاتي جي اختيارين پاران 15 جون کان 27 جون تائين ويڪسين مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٽي ايڇ او لياقت آباد پاران مهم جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪئي. ٽي ايڇ او لياقت آباد جو ڊي ايڇ او سينٽرل کي خط لکي آگاهه ڪيو ته لياقت آباد ۾ اڪثر ويڪسينيٽرن، ڊاڪٽر ۽ علائقي واسي ڪورونا ۾ مبتلا آهن، مهم ۾ حصو نه ٿا وٺي سگھون. ويڪسين مهم ۾ 4 هزار کان مٿي ويڪسينيٽر گھر گھر ويڪسين مهم هلائڻ جي فيصلي بعد ويڪسينيٽرن ۾ به خوف پکڙجي ويو. ڪراچي جي لياقت آباد تعلقي جي هيلٿ آفيسر پاران ڪورونا ۾ ورتل ويڪسينيٽرن جي لسٽ ڊي ايڇ او سينٽرل ڏانهن اماڻي وئي. ويڪسين مهم شروع ڪرڻ کان اڳ صحت کاتي جي اختيارين پاران ويڪسينيٽرن جي ڪورونا ٽيسٽ به نه ڪرائي وئي، ويڪسينيٽر به مهم کان اڳ خوف ۾ وٺجي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔