والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ 4ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر: ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي ۽ سرچ آپريشن دوران وڌيڪ 4 نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج ضلعي ڪلگام جي علائقي نيپوره ۽ ضلعي اسلام آباد جي علائقي لالن ۾ سرچ آپريشن دوران رياستي جبر جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي.

سرچ آپريشن جي آڙ ۾ گهر گهر تلاشي ورتي وئي. جڏهن ته علائقي جون حالتون ۽ مختلف ڄاڻ ڪشمير سميت سڄي دنيا جي مختلف علائقن تائين پهچڻ کان روڪڻ جي لاءِ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت به معطل ڪئي وئي آهي.

ڀارتي فوج نيپوره ۽ لالن ۾ 2-2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ان علائقن جي اچڻ ۽ وڃڻ وارا رستا بند آهن. جڏهن ته نوجوانن جي شهادت تي احتجاج جي طاقت کي روڪڻ جي لاءِ فوجي اهلڪارن، نيم فوجي دستن ۽ ڪٺ پتلي پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔