ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي:ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد : وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا سبب جيڪا صورتحال آهي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا جي خلاف فرنٽ لائن تي وڙهندڙ طبي عملي جي لاءِ خصوص پيڪيج تي ڪم ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته صحت واري صوبائي وزيرن ۽ صحت جي ماهرين سان هن پيڪيج جي حوالي مشاورت به ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته خصوصي پيڪيج ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي جي لاءِ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس خلاف جنگ وڙهندڙ فرنٽ لائن ورڪرز جو تحفظ ۽ انهن جي مالي مدد ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔