ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ صحت کاتي جو اهم اجلاس

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صحت کاتي جي خدمتن کي بهتر ڪرڻ باوجود ڪورونا جا ڪيسز تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن.ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ صحت کاتي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.ڪورونا جي صورتحال تي اجلاس دوران سنڌ سرڪار طرفان ڪراچي جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ آءِ سي يو ۽ ايڇ ڊي يو بيڊز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي جي ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ سماجي وٿي نه هجڻ سبب ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي.اجلاس ۾ وڏي وزير طرفان فيلڊ آئسوليشن سينٽرز کي هاءِ ڊپينڊنسي يونٽ لاءِ اوزار توڙي دوائون مهيا ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت قطر اسپتال ۾ 16 آئي سي يو ۽ 64 ايڇ ڊي يو آڪسينيٽڊ بسترا فراهم ڪندي، جڏهن ته قطر اسپتال اورنگي کي 20 آئي سي يو ۽ 55 ايڇ ڊي يو بسترا ڏيندي.وڏي وزير چيو آهي ته سنڌگورنمنٽ اسپتال ڪراچي کي 10 آئي سي يو ۽ 65 ايڇ ڊي يو بيڊز فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي، جڏهن ته سنڌ گورنمنٽ اسپتال ميٽروول کي 8 آئي سي يو ۽ 34 ايڇ ڊي يو بيڊز مهيا ڪئي ويندي.اجلاس ۾ عباسي شهيد اسپتال کي 100 ايڇ ڊي يو بيڊز ۽ اين ڊي ايم اي کي 73 آئي سي يو ۽ 428 ايڇ ڊي يو بيڊز مهيا ڪرڻ جو به فيصلو ڪيوويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔