سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد: سنڌو درياءَ تي 6 نون ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست، سياسي سماجي پارٽين طرفان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. سنڌو درياءَ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر زين شاهه جي اڳواڻي ۾ قافلو سڪرنڊ مان حيدرآباد لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جيڪو ڄامشوري کان ٿيندو حيدرآباد پهچندو.

حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين طرفان سنڌو درياءُ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. انهي موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌوءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي، فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. جيڪب آباد ۾ سنڌ بچايو تحريڪ پاران سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان هڪ احتجاجي جلوس، ڊاڪٽر اي جي انصاري، نديم قريشي، انتظار ڇلگري جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو تي ڌاڙي خلاف سنڌي عوام روڊن تي آهي. اهڙو منصوبو نه اڳ قبول ڪيو نه ئي وري هاڻ ڪنداسين.

شيخ ڀرڪيو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن سنڌو درياءُ تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو، پيادل مارچ ۽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب شيخ ڀرڪيو، ٽنڊومحمدخان، حيدرآباد، گلاب لغاري، ٽنڊوالهيار ڏانهن ويندڙ روڊن کي بند ڪيو ويو. انهي موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان زورداري نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪمران اقتدار جي نشي ۾ سنڌ دشمن فيصلا ڪري رهيا آهن. پهريان ئي هزارين ايڪڙ زمين نيلام ڪئي وئي آهي جڏهن ته هاڻ وري سنڌو درياءَ جو سودو ڪري سنڌ کي بنجر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

بدين ۾ سنڌو درياءَ بچايو ڪميٽي جي سوين ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري کي سنڌو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن خادم ٽالپر، سانول گوپانگ، عبدالله چانڊيو، محمد بلال، دانش سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪمران سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ لاءِ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن سان سنڌ سڪي تباهه ٿي ويندي. هنن چيو ته اسان پڇڻ ٿا چاهيون ته حڪمرانن کي 6 نوان ڪئنال ٿا گهرجن يا ملڪ ٿو گهرجي. اسان ڪنهن به صورت ۾ 6 نوان  ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي قبول نه ڪنداسين

فيض گنج ۾ جي ڊي اي پاران سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌو مٿان ڪينال ٺاهڻ جو مطلب سنڌ کي تباهه ڪرڻ آهي هن وقت سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين پاڻي جي کوٽ سبب بنجر بڻيل آهي پر ان باوجود ڪينال ڪڍڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن.

پنوعاقل ۾  مختلف اپوزيشن آل پارٽيز پارٽين، جمعيت علماءِ اسلام، پي ٽي آءِ، پ پ شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ، سنڌي ادبي سنگت، جي ڊي اي ۽ ٻين پارٽين جي سياسي اڳواڻن کان سواءِ سماجي اڳواڻن به سنڌو درياءَ مان نوان ڊيم ٺاهڻ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.  شهدادپور ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي فنڪشنل مسلم ليگ، قومي عوامي تحريڪ، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، ايس يو پي طرفان پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جو جياپو آهي، سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍي انهن 6 ڪئنالن جي تعمير ڪرڻ لاءِ فنڊ به جاري ڪرڻ سنڌ سان وڏو ظلم ۽ ڏاڍ ڪيپ پيو وڃي جنهن سان زرخيز ۽ سربسز سنڌ کي سڪائي بنجر بنائي پنجاب جي غير آباد چولستان سميت ٻين علائقن کي آباد ڪيو ويندو.

انهي کان علاوه ٺري ميرواهه، جوهي، دادو، سکر، لاڙڪاڻو.ميرپورخاص، سيتا روڊ، ڪلوئي، سامارو، قاضي احمد، نصيرآباد بلڙي شاهه ڪريم گمبٽ، سانگهڙ، ٽنڊوآدم، سيوهڻ، ميرواهه گورچاڻي  سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔