اسلام آباد : اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 7 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.عدالت ۾ ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت بشرا بي بي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيا.پراسيڪيوٽر عدالت کان رسيدن جي تصديق لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي.عدالت ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست تي اڄ به فيصلو نه ٿي سگهيو.