پي ٽي آءِ سان ڳالهين واري آڇ هر وقت موجود آهي: خواجه آصف

سيالڪوٽ: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ دفاع واري  وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهريان به 2 ڀيرا حمله آور ٿي  هئي، ٻنهي ڀيرا انهن جا اڳواڻ ڪارڪنن کي ڇڏي پاڻ ڀڄي ويا هئا، هنن جي پارٽي جا ماڻهو ڊبل ايجنٽ بڻيل آهن.

خواجه آصف سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت هي سڀ دوغلا آهن، ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، هن ڀيري به اسلام آباد ايندا ته کين شڪست نصيب ٿيندي.

خواجه آصف چيو ته مان درخواست ڪريان ٿو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ پنهنجن ٻارن کي به پاڻ سان گڏ آڻين،  پنهنجن ٻارن کي اڳيان بيهارين ته جيئن هو اڳواڻي ڪري سگهن.  هن چيو ته نوازشريف ۽ ڀٽو خاندان تي به آزمائشون آيون، هي ماڻهو آسمان تان ته نه لٿا آهن، مون تي، منهنجي زال ۽ پٽ مٿان به ڪيس داخل ڪيا ويا.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سياسي سطح تي ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهي، عمران خان صرف اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جي ڪري سندس ئي پارٽي جا ماڻهو ڊبل ايجنٽ بڻيل آهن. هن واضح ڪيو ته اسان جي ڳالهين جي آڇ هر وقت موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔