پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان اضافو،مريضن جو انگ هڪ لک 25933 ٿي ويو

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ مريضن جو انگ هڪ لک 25 هزار 933 ٿي وي آهي..

24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا ريڪارڊ 6397 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته 107 ماڻهو زندگي وڃائي ويٺا آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن موجب مجموعي طور تي هن وقت تائين 8 لک 9 هزار 169 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن.

پنجاب ۾ ڪورونا جا مريض سڀني کان وڌيڪ آهن، جتي هن وقت تائين 47382 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 46 هزار 828، خيبرپختونخواهه ۾ 15 هزار 707، بلوچستان ۾ 7 هزار 673، اسلام آباد ۾ 6699، آزاد ڪشمير ۾ 534 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ ماڻهو زندگي هارائي ويٺا جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 2 هزار 463 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔