ايئرپورٽ ڌماڪو جاچ: واقعي واري هنڌ چوڌاري ڪيمرائون نه هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي؛ ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان ڌماڪي جي جاچ لاءِ ٻنهي صوبن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيو فينسنگ مان حاصل ٿيل شڪي نمبرن جي جاچ جو سلسلو جاري آهي. واقعي واري  هنڌ جي چوڌاري ڪيمرائون نه هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ايئرپورٽ جي ڀرسان ڌماڪي جو ڪرائين سين 36 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود ڪليئر ناهي ٿي سگهي، جاچ ٽيمن جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.

دهشتگرد حملي جو ڪيس اڄ سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويندو، پوليس اختيارين ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مسودو سي ٽي ڊي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. پوليس طرفان ڌماڪي جي سهولتڪارن جي ڳولا ۾ ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جاچ جاري آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ جي چوڌاري ڪيمرائون نه هجڻ سان جاچ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔