پاڪستان ۾ پوليو جا 4 ڪيس ظاهر، انگ 32 ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ پوليو جا وڌيڪ 4 ڪيس سامهون آيا آهن.جيڪب آباد، ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليو جا ڪيس سامهون آيا آهن. جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ 32 مهينن جي ڇوڪري ۽ 18 مهينن جو ڇوڪرو پوليو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو.ملير ضلعي جي تعلقي بن قاسم ۾ 72 مهينن جو ٻار پوليو جو شڪار ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ 22 مهينن جو ٻار پوليو جو شڪار ٿي ويو آهي. جنهن کانپوءِ هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو سبب متاثر ٻارن جو انگ وڌي 32 ٿي ويو آهي.پاڪستاني اختيارين ۽ عالمي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته آڪٽوبر ۾ وڌيڪ ڪيترائي ٻار پوليو کان متاثر ٿيندا.ماهرن موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي آخر تائين پوليو متاثر ٻارن جو انگ 55 کان 65 تائين پهچي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔